ستاره سنڌ

ستاره سنڌ (اخبار): ’ستاره سنڌ‘ اخبار پير علي محمد شاهه راشديءَ، 08 جون 1934ع ۾ سنڌ گزيٽ پريس سکر مان جاري ڪئي هئي. جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ هو. هيءَ اخبار پهريان هفتيوار هئي، جيڪا بعد ۾ روزاني ٿي. هن اخبار سياست ۽ ادبي دنيا ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. هن اخبار جو مزاحيه ڪالم ’ملا لٽر‘ مشهور هو. سيد حسام الدين ۽ لطف الله بدوي هن اخبار جا مضمون نگار هئا. هن اخبار کي پنهنجي پريس هئي. ستاره سنڌ اخبار 1938ع ۾ بند ٿي وئي هئي.


لفظ ستاره سنڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو